تذڪره مجمع البلغاء

تذڪره مجمع البلغاء: هن تذڪري جو مؤلف مير علي شير قانع ٺٽوي جو فرزند مير غلام علي ”مائل“ آهي. هي صاحب سن 1181هه ۾ پيدا ٿيو. ٺٽي ۾ تعليم ۽ تربيت ٿيس ۽ اتي ئي سال 1251هه ۾ وفات ڪيائين. هي صاحب ٽالپوري دور جو، فارسي ۽ اردو زبانن جو قادرالڪلام شاعر ٿي گذريو آهي. پاڻ مير ڪرم علي خان جي درٻار سان لاڳاپيل هو. سنڌي ادبي بورڊ، مائل جو فارسي شعر ”ڪليات مائل“ نالي سان 1909ع ۾ ڇپيو آهي. جيتوڻيڪ مير مائل شاعرن جو تذڪرو ”مجمع البلغاء“ نالي سان تيار ڪيو، جڏهن ته ڪليات جي مرتب حبيب الله رشدي، ان جو ذڪر نه ڪيو آهي. راشدي صاحب هن تذڪري بابت لکيو آهي ته: ”مير علي شير جي پٽ ۽ سنڌ جي مشهور شاعر، سنڌ جي شاعرن جو هي تذڪرو سن 1218هه/1803ع ۾ مرتب ڪيو. مسٽر ايليٽ جي فائيلن مان معلوم ٿيو ته تذڪري جا جملي 639 ورق هئا ۽ هر هڪ صفحي تي 12 سٽون هيون. ابتدائي ارغون عهد کان وٺي ٽالپري عهد تائين فارسي گو شاعر، جيڪي سنڌ ۾ ٿي گذري، يا سنڌ سان جن جو ڪنهن نه ڪنهن طرح سان واسطو رهيو، انهن سڀني جو مفصل احوال ڏنو ويو آهي. مقالات الشعرا واري سلسلي جو، هي تذڪرو هڪ جامع ۽ مڪمل ڪڙي آهي. افسوس آهي جو ان جو ڪو به نسخو دستياب ٿي نه سگهيو آهي. چند اقتباس ايليٽ جي فائيلن ۾ موجود آهن“.


هن صفحي کي شيئر ڪريو